مولانا فضل الرحمان پاران ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان

0
305
ملڪ کي هڪ ڪلاڪ

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن انتهائي اهم آهن، سئو سيڪڙو يقين آهي ته هن ڀيري بي اعتمادي رٿ تي ضرور ڪامياب ٿينداسين، بي اعتمادي رٿ لاءِ اسان جا نمبرز پورا آهن

ظاهري طور امپائر نيوٽرل نظر اچي رهيا آهن، پر اسان کي امپائر کان ڪا به سپورٽ ناهي وٺڻي، اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته اپوزيشن پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، آصف زرداري ۽ نوازشريف سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيان، حڪومتي اتحادين سان به رابطي ۾ آهيون، اپوزيشن وچ ۾ ڪو به اختلاف ناهي، اپوزيشن جَي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي فوري طور اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي