بلاول چئلينج قبول ڪيو ته هليو اچي، هن لاءِ عمران خان اڪيلو ئي ڪافي آهي: شاهه محمود قريشي

0
275
ڌمڪي واري خط کان

ميرپور خاص (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول جيڪڏهن بحث جو چئلينج قبول ڪيو آهي ته هليو اچي، هن لاءِ عمران خان اڪيلو ئي ڪافي آهي، هن جي هر سوال جو جواب سٺي انداز ۾ ڏينداسين

ميرپور خاص ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلاول مون سان رابطو ڪري اسان بندوبست ڪري ٿا وٺون، پارليامينٽ کي وزيراعظم تي مڪمل اعتماد آهي

هن چيو آهي ته اپوزيشن اسٽيٽ بئنڪ جي نئين بل تي پنهنجو زور لڳائي پاڻ کي آزمايو، خالد مقبول صديقي اسان جو ڀاءُ ۽ اتحادي آهي، وزيراعظم عوامي رليف لاءِ پيڪيجز ڏنا آهن

پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو تعلق ڀٽو خاندان سان آهي پر بلاول نٿو ڄاڻي، اسان جو تعلق سر شاهنواز سان آهي، ذوالفقار علي ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان هو، 2002ع ۾ جمالي صاحب جي مقابلي ۾ محترمه بينظير ڀٽو مون کي وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو هو

هن چيو ته ڪالهه هڪ واقعي تي افسوس ٿيو، ڪنڊياري ۾ پيپلز پارٽي منهنجي قافلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٽڪراءُ جي ڪوشش ڪئي، بينظير سان ڪم ڪيو اٿم، هن جي سوچ اهڙي نه هئي

پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن اهو شازيه مري جي هدايتن تي ٿيو آهي ته پوءِ مناسب ناهي، بلاول اڄ ملتان وڃي رهيو آهي، اسان جي طرف کان هن کي ڪجهه نه ٿيندو، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن پرامن آهن، سنڌ رائٽس مارچ سنڌ ۾ متبادل سوچ رکندڙ قيادت فراهم ڪرڻ جو عمل آهي

هن چيو ته مان رومانيا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهايو آهي، هن سان پنهنجي شاگردن کي محفوظ ڪڍڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پاڪستاني سفارتخانو هندستاني ٻارن کي به ماني کارائي ۽ انهن جي مدد به ڪئي

ھي به پڙھندا

ق ليگ کي اسان بھتر آفر ڏئي سگھون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري