سون 300 رپيا سستو: ڊالر ۾ 45 پئسا لاٿ

0
788
سون 300 رپيا

ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) سون 300 رپيا سستو ٿي ويو، ڊالر  ۾ 45 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا لاٿ سان 127800 مان 127500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1470 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر  45 پئسا لاٿ سان  179.05 مان 178.6 رپين تي پهتو، جڏهن ته  پائونڊ  هڪ رپيو  لاٿ سان  239.5 مان 238.5 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن  يورو هڪ رپيو  لاٿ سان 200 مان 190 رپين تي پهتو