اسلام آباد(بيورو رپورٽ ) قومي اسيمبلي  ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس اڄ ٿيندا، ٻنهي ايوانن  ۾ بجيٽ بحث جاري رهندو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس شام چار وڳي ٿيندو اجلاس ۾ بجيٽ تي بحٽ جاري رهندو 23 جون تي بجيٽ تي بحث کي ناڻي وزير سهيڙيندو،  24 جون کان مختلف وزارتن جي ايندڙ سال لاءِ گهربل خرچن لاءِ مطالبات زر جي منظوري جو عمل شروع ٿيندو، 27 جون کان پيش ڪيل بجٽ ۾ ڪٽوتي جون رٿون پيش ٿينديون، اهو عمل 28 جون تي به جاري رهندو جنهن بعد 29 جون تي سينيٽ جي بجيٽ تي سفارشن تي بحث بعد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي حتمي منظوري لاءِ فنانس بل کي ترميمن سان منظور ڪيو ويندو. 30 جون تي اضافي خرچن لاءِ  سپليمينٽري گرانٽس جي منظوري ڏني ويندي.