اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس ٻن ڏينهن  کان وقفي کان پوءِ اڄ ٻيهر ٿيندا، منجهند 4 وڳي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس لاءِ 25 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، ايجنڊا ۾ سنڌ مان چونڊيل سيد جاويد علي شاهه، خورشيد احمد جوڻيجو، سڪندر علي راهوپوٽو، سيد ابرار علي، مسرت رفيق مهيسر پاران سنڌ ۾ ٿيل بارشن سبب فصلن ۽ ملڪيتن کي پهتل نقصانن جي معاوضي جي عدم ادائگي بابت وفاقي حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس به شامل ڪيو ويو، جڏهن ته مختلف حڪومتي بلن جي منظوري جو عمل به ايجنڊا ۾ شامل آهي، جنهن ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله پاران پيش ڪيل ڪنهن شخص جي حراست دوران سرڪاري اهلڪارن پاران تشدد ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو بل، منشيات جي روڪٿام لاءِ وفاقي وزير شازين بگٽي جو بل به شامل آهي، ٻئي طرف سينيٽ جو اجلاس به 4 وڳي ٿيندو، جنهن جي 50 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، ايجنڊا ۾ مختلف سينيٽرن جا بل پيش ڪرڻ لاءِ شامل ڪرڻ کان علاوه مختلف سينيٽرن جي بلن جي منظوري جو عمل به شامل ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ سينيٽ رولز ۾ ترميم جي ايجنڊا به شامل آهي.