قمبر (رپورٽر) قمبر ٻاھران سم شاخ مان پيرسن پينو عورت جو لاش هٿ، خبر موجب لاڙڪاڻو روڊ تي سم شاخ ۾ عورت جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن پهچي عورت جو لاش پاڻي مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي عورت جي سڃاڻپ شھزادي چانڊيو طور ڪئي وئي، پوليس موجب فوتي عورت جي سڃاڻپ سندس پٽ گئونشالا محلي جي رهواسي احسان چانڊيو ڪئي، جنهنجو چوڻ هو ته سندس امڙ خيرات پنندي هئي، جيڪا گذريل ڏينهن کان گم هئي، پٽ موجب هنن گهڻي ڳولا ڪئي پر هوءَ نه ملي، بعد ۾ ضروري ڪارروائي بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.