ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) 4 ڏينھن اڳ ڪنري ڀرسان ڳوٺ ميمڻ ڪنري مان مبينا طور اغوا ٿيل 11 ورھين جي انيڪا ميگھواڙ بازياب نه ٿي سگھي آھي، نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سوسائٽي پاران ريلي ڪڍي شھر جي مک آمريڪن چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪندي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي نينگري جي والد ڪيول ميگھواڙ، ماءُ ڪرمي ميگھواڙ، اڳواڻن ڀڳوان داس ڀاونا، نھال ميگھواڙ، پھلاج ڪولھي، گوتم راٺوڙ، محمد رمضان خاصخيلي، ڪامريڊ پمون مل، اسلم جوني ۽ ٻين دانيهندي چيو ته 4 ڏينھن اڳ ڳوٺ ميمڻ ڪنري مان گھر تي چڙھائي ڪري هٿياربند 11 ورھين جي نابالغ نياڻي انيڪا ميگھواڙ کي اغوا ڪري ويا آهن، هنن چيو ته 3 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ ۾ هندو برادري سان وڏو ظلم ٿي رهيو آھي، نياڻين کي اغوا ڪري جبري مذھب تبديل ڪرايو پيو وڃي، ڪو ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته ڌرڻي دوران نينگري جو والد ڪيول ميگھواڙ ۽ والده ڪرمي ميگھواڙ بيھوش ٿي ويا، کين موجود ٻين ماڻھن پاڻي جي ڇنڊا هڻي هوش ۾ آڻي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف 4 ڪلاڪن تائين جاري ڌرڻي ۾ پ پ پ منارٽي ونگ ميرپورخاص ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري راھول جيوڻ ۽ ايس ايچ او ڪنري طفيل احمد جلالاڻي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ مظاھرين کي 12 ڪلاڪن ۾ نينگري ھٿ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.