ڪنري: ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ پ پ پ منارٽي ونگ ڊويزن ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري راھول جيوڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نابالغ ھندو نياڻي انيڪا کي اغوا ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته وارثن پاران پوليس کي الٽيميٽم ڏنو آھي، نينگري کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.