ڪنري: ڪنري پوليس پاران ڪيس ۾ نامزد ۽ الزام ھيٺ آيل نوجوان ضمير بجير جي گھر تي ڇاپو، ڪجھه به هٿ نه اچڻ سبب پوليس خالي ھٿين موٽي آئي، ان حوالي سان ايس ايچ او ڪنري طفيل احمد جلالاڻي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس 3 جوابدارن تي داخل آھي ۽ معاملي جي مختلف رخن سان جاچ ڪريون پيا، جلد نينگري کي بازياب ڪرايو ويندو.