قتل جو خوف: ڪڙيو گھنور جو جوڙو تحفظ لاءِ جاتي پھتو

0
669

جاتي (ن پ ا) ڪڙيو گھنور سان تعلق رکندڙ پريمي جوڙو سيشن ڪورٽ ٺٽو مان پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ جاتي پھتو مائيٽ ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪرڻ چاھين ٿا تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو، پريمي جوڙو پريميڪا روزينه ڪنڀار ۽ پريمي علي اصغر خاصخيلي سيشن ڪورٽ ٺٽو مان حق نڪاح ڪرڻ بعد تحظ لاءِ پريس ڪلب پھتو پريس ڪلب پھتل پريمي جوڙي روزينه ڪنڀار ۽ علي اصغر خاصخيلي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان رضا خوشي سان ڪورٽ سڳوري مان پيار جو پرڻو ڪيو آھي ته مائيٽ ويري بڻجي ڪاري ڪارو ڪري قتل ڪرڻ چاھين ٿا، جنھن ڪري اسان خوف وچان مختلف ھنڌن تي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، پريميڪا روزينه ڪنڀار چيو ته منھنجا مائٽ ھڪ موالي ۽ وڏي عمر واري سان زبردستي پرڻائڻ پئي چاھيو جنھن ڪري مون پنھنجي زندگي گذارڻ جو پاڻ فيصلو ڪري علي اصغر خاصخيلي سان حق نڪاح ڪيو آھي پريميڪا روزينه چيو ته اسان جي زندگين کي خطرو آھي تر جا بااثر وڏيرا غلام محمد ڪنڀار،حاجي محمد ڪنڀار،غلام محمد ڪنڀار ۽ ٻيا ڪاري ڪارو ڪري قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آھي، جيڪڏھن اسان جي زندگين کي نقصان رسيو ته ان جا ذميوار اھي ھوندا پريمي جوڙي آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ٻين عملدارن کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ ڏئي سندن زندگيون بچائي بااثرن خلاف قانون قدم کنيو وڃي..