سنڌ واسي ڪتن جي وات مان آجا نه ٿيا،21 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

0
302
سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي وات

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شھر ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهيو، جنهن سبب رولو ڪتن 21 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، ڪتي ڏاڙهيلن کي چانڊڪا اسپتال ۾ قائم اي آر وي سينٽر مان ويڪسين ڪرائڻ بعد واپس روانو ڪيو ويو آهي، ڇتن ڪتن لاڙڪاڻو، ڏوڪري، باقراڻي، رتوديرو، نئوديرو، شڪارپور ۽ ٻين علائقن جي رهواسي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو هو، ڪتن جي ڏاڙهي زخمي ڪيلن ۾ حسنين خاصخيلي، سحرش سومرو، نور نثاءَ، غلام رسول سهڙو، عبدالرسول ڀٽو. رضيا خاتون رفعا ٻوسڻ سميت ٻيا شامل آهن جڏھن ته زخمين جي وارثن پاران لاڙڪاڻو انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته جلد کان جلد ڪتا مار مهم شروع ڪرائي وڃي ته جيئن ٻيا ڪتي ڏاڙهڻ کان بچي سگهن.