ملير: بحريا ٽائون ۾ فليٽ مان شخص جو تشدد ٿيل لاش ھٿ

0
253

ملير (رپورٽر)بحريا ٽائون مان 40 ورهين جي شخص جو فليٽ مان چار ڏينهن پراڻو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آهي، لاش ٽاور 2 جي فليٽ 83 مان هٿ آيو، سڃاڻپ سيد تجمل مقبول پٽ مقبول ڪاظمي جي نالي سان ٿي آهي، مقتول فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي پنهنجي خاندان سان ناراضگي هئي ۽ ھتي اڪيلو رهندو هو، ڪمري مان نشي آور گورين جا پيڪيٽ ھٿ آيا آھن، جڏھن ته جسم تي بليڊن جا جهير ڏنل آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آھي، لاش عباسي شھيد اسپتال ۾ پيل آهي.