قانوني ۽ آئيني ماهرن طرفان نون صوبن لاءِ جوڙيل ڪميٽي غير قانوني قرار

0
325

قانوني ۽ آئيني ماهرن طرفان

ڪراچي: سنڌ جي قانوني ۽ آئيني ماهرن نون صوبا ٺاهڻ لاءِ خورشيد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙيل 7 رڪني پارلياماني ڪميٽي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

بيرسٽر ضمير گهمرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جو ڪو به ذڪر نه آهي، آئين ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي صوبن جي وحدت جو خيال رکيو وڃي

قانوندان شهاب اوستو چيو ته آئين ۾ نون صوبن جي ڪا به گنجائش نه آهي، نوان صوبا ٺاهڻ ۽ انتظامي يونٽ ٺاهڻ ۾ فرق آهي، انتظامي يونٽ ٺاهڻ لاءِ به صوبي جي عوام جي اڪثريتي راءِ جي حمايت جو هجڻ ضروري آهي، آئين ۾ سنڌ جي وحدت کي تحفظ مليل آهي

نون صوبن بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي ۾ جاويد عباسي، صابر حسين قائم خاني، خالد مگسي، نزهت پٺاڻ، نويد عامر جيوا ۽ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي جا نالا به شامل آهن

ھي به پڙھندا

ڇا نوان صوبا ٺاهڻ جا اختيار وفاق کي ڏنا پيا وڃن؟