ڇا نوان صوبا ٺاهڻ جا اختيار وفاق کي ڏنا پيا وڃن؟

0
273

ڪراچي: ڇا پيپلزپارٽي نوان صوبا ٺاهڻ جا اختيار وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ لاءِ واقعي به آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي؟

 پيپلزپارٽي جو اڳواڻ تاج حيدر ٽائيم نيوز جي پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو

ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽائيم لائين ۾ ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي عوام سان سرائيڪي صوبو ٺاهڻ جو وعدو ڪيو هو

تاج حيدر چيو ته خورشيد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ جڙيل پارلياماني ڪميٽي ان حوالي سان آئين ۾ ترميمن لاءِ جائزو وٺندي، اهو خوف اجايو آهي ته سڀاڻي ساڳي ترميم سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿي

هن چيو ته  نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ امڪاني ترميم بابت خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪميٽي قائم ٿي چڪي آهي

ڪميٽي ۾ مرتضيٰ جاويد عباسي، صابر حسين قائم خاني، خالد مگسي، نزهت پٺاڻ، نويد عامر جيوا ۽ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي جا نالا به شامل آهن

ھي به پڙھندا

نون صوبن بابت جوڙيل ڪميٽي کي صلاح ڏيندس ته سنڌ بابت نه سوچي: مخدوم جميل الزمان