چيف جسٽس پنگريو- ملڪاڻي وچ ۾  شاخ تي پل نه ٺهڻ جو  نوٽيس ورتو

0
285
نينگر عمار جتوئي کي اغوا ڪري مارڻ جي الزام ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم
نينگر عمار جتوئي کي اغوا ڪري مارڻ جي الزام ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

پنگريو ۽ ملڪاڻي شريف وچ ۾ ٻنگار شاخ تي پل نه ٺهڻ جو  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي

واضح رهي ته هفتو اڳ ٽائيم نيوز شاخ تي پل نه هُجڻ سبب اسٽوري شايع ڪئي هئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مامرو پرنٽ ميڊيا تائين پهتو

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مامري جو  نوٽيس وٺندي ايريگيشن کاتي جي سيڪريٽري،  ڪمشنر حيدرآباد، ڊي سي بدين ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي طلب ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس 8 ڊسمبر تي منجهند  جو هڪ وڳي لاڳاپيل آفيسرن کي  رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو

عدالت نوٽيس ۾ چيو آهي ته ٻنگار مائينر تي پل يا موري نه هئڻ  ڪري علائقي واسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن