ميهڙ ۾ ايس يو پي پاران روڊن کي ڏنل ڪٽ بند نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

0
260

ميهڙ: ميهڙ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي روڊن کي ڏنل ڪٽ بند نه ٿيڻ ۽ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو

روينيو آفيس آڏو لڳايل ڌرڻي ۾ روينيو عملي جي پتلن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميه اڃا تائين متاثر علائقن مان نه پاڻي نيڪال ڪرايو ۽ نه ئي سروي شروع ڪرائي آهي

هنن چيو ته برساتي ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، سرڪار رڳو ڪاغذن ۾ مدد جو ڊرامو رچايو

هنن مطالبو ڪيو آهي ته  پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

چمبڙ ويجھو ٻوڏ متاثرن مٿان ٽرڪ چڙھي وئي، ماءُ ٻن ڌيئرن سميت فوت