قاضي احمد ۾ مال پڙي ۾ برساتي پاڻي مان نوجوان جو لاش ھٿ

0
240
قاضي احمد ۾ مال پڙي

قاضي احمد ( رپورٽر ) قاضي احمد جي رھائشي علائقي شوڪت ڪالوني ۾ واقع  چوپائي جي مال پڙي ۾ برساتي پاڻي مان مقامي رھواسي  نوجوان 19 سالا شادي شده ڪنعيا لعل جو لاش ھٿ ڪيو ويو

 اھڙي اطلاع ملڻ بعد قاضي احمد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو مڙھ جڏهن گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو

 وارثن جو چوڻ آھي ته ڪنهن سان به دشمني ناهي لاش برساتي پاڻي مان هٿ ڪيو آھي، نوجوان رات اهو چئي گهران نڪتو هو ته حيدرآباد وڃان پيو پر اڄ صبح سندس جو لاش  مليو آھي

 هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته وارث لاش جو  پوسٽ مارٽم نه ٿا ڪرائڻ چاهين، اصل ڪارڻ جو پتو لڳائڻ  جي ڪوشش ڪريون پيا ته  سندس جو موت واقع ڪئين ٿيو آھي