اسٽيبلشمينٽ جي مرضي سان ٺهيل حڪومت جلد ختم ٿي ويندي: زين شاهه

0
293

سيوھڻ(ن پ ا) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مرضي سان ٺھيل هي حڪومت جلد ختم ٿي ويندي ڇو ته موجوده حڪومت اڳين حڪومت کان به کان به بدتر ٿي وئي آهي جنهن غريب عوام جو جييڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري سنڌ جي عوام کي جلد زرداري ليگ کان نجات ڏيارينداسين

اھڙو اظهار ھن ڪالھ سيوھڻ پھچڻ بعد درگاهه قلندر ٻاھران گولڊن گيٽ چوڪ تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته سيوھڻ جو عوام ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ايس يو پي اميدوارن کي ڪامياب ڪري تبديلي آڻيندي، هتي ظلم جو نظام آهي جنهن مان عوام کي نجات ڏيارينداسين. ملڪ جو خزانو خالي آهي مرڪز ۾ جيئن حڪومت تبديل ٿي ان کانپوء اڳ کان بہ نظام بدتر بنجي ويو آهي

هي بي ايمانن جو ٽولو آهي، روڊن ۽ ترقياتي ڪمن جا پئسا سياستدان ۽ سياسي وڏيرا گڏجي کائي وڃن ٿا ان ڪري ڪم نٿا ٿين، هن چيو ته جيڪي عوام جو پئسو لٽي هاڻي پاڻ کي سردار پيا سڏرائين انهن کي بري شڪست ڏينداسين، هن چيو تہ اقتدار کانپوء اهي سردار ۽ وڏيرا ڳوليا ڪونہ لڀندا. ٻئي طرف ايس يو پي مرڪزي اڳواڻن قلندر لال شھباز جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعا گھري