قاضي احمد ۾ برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مارچ

0
164
قاضي احمد ۾ برسات متاثر علائقن

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ۾ برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويو، قاضي احمد ۾ برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ۽ پاڻي جا قدرتي لنگهه  بحال ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مارچ ڪيو ويو

ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاضي احمد  موڙ کان احتجاجي مارچ ڪيو ويو

سيد زين شاھ ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ برسات کي ڏيڊ مھيني کان وڌيڪ وقت  گذري ويو پر سوين ڳوٺن مان اڃا تائين  پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو

اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ پاڻي جي قدرتي لنگهه تي قبضا آھن،  ميڪارو ڍورو ذريعي ڇوڙ ڪيل پاڻي سنڌو درياءَ جي بند وٽ بيٺل آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ متاثرن جي گھرن ڏانھن واپسي شروع:شرجيل ميمڻ

خيرپور: گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، اسپتالون ڀرجي ويون