خيرپور: گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، اسپتالون ڀرجي ويون

0
165
خيرپور: گيسٽرو تي ضابطو

خيرپور (ن پ ا) خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو، 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جا گيسٽرو ۾ مبتلا 320 مرد، عورتون ۽ معصوم  ٻارڙا سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو آهي

گيسٽرو سبب اسپتال داخل ڪيلن ۾ انيلا، اقرا، عبدالحفيظ، ظهير، علي حسن، منظر علي، رحيم بخش، عامر خان، نور فاطمه، خديجه، ڪنيز فاطمه، علي رضا، ناديه، سراج الحق، حاڪم علي ۽ ٻيا شامل آهن

Gastroenteritis, malaria kill 9 more people in Pakistan floods - Daily Times

گيسٽرو جي مرض سبب وڏي تعداد ۾ مريض اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ سبب اسپتالن ۾ بيڊن جي کوٽ برقرار آهي، مريضن جي وارثن ۽ اسپتال عملي کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن

سٽي اسپتال خيرپور ۾ بيڊن جي کوٽ سبب هڪ بيڊ تي ٻن کان ٽي ٻارڙا داخل آهن، اسپتالن ۾ داخل مريضن ۽ سندن وارثن طرفان اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ سرڪاري دوائون نه ملڻ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن

مريضن جو چوڻ آهي ته سرڪاري دوائون ڏيڻ بدران پرائيويٽ اسٽورن جون دوائون لکي ڏنيون وڃن ٿيون، برسات سبب بي گهر ٿي ويا آهيون دوائون وٺڻ کان قاصر آهيون سرڪاري دوائون ڏنيون وڃن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ سرڪار جي مدد ڪئي ويندي، ٻارن ۾ ڊائريا ۽ ٻين بيمارين جا مسلا پيدا ٿين پيا: ڊبليو ايڇ او