دوحا(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽينا، ڪوسٽاريڪا ۽ موروڪو رائونڊ کٽي ورتا، ارجنٽينا پري ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ارجنٽينا ميڪسيڪو کي 2-0 تان شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ورلڊ ڪپ جي گروپ سي ميچ ۾ ارجنٽينا ميڪسيڪو کي 2-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. لوسيل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جارحاڻي راند پيش ڪئي ۽ گول ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا پر ناڪام رهيا. ٻئي هاف ۾ ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي 64 هين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي 1-0 جي برتري ڏياري. جواب ۾ ميڪسيڪو جي ٽيم به ارجنٽينا جي گول پوسٽ تي ڪيترائي حملو ڪيا جيڪي ناڪام ويا، ٻئي هاف جي پڄاڻي کان 3 منٽ اڳ ارجنٽينا جي اسٽرائيڪر فرنينڊنس گول ڪر ميڪسيڪو جي اميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو.  هوڏانهن گروپ جي ۾ ڪوسٽاريڪا جاپان کي 1-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. احمد بن علي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن شروعات کان ئي جارحاڻو انداز انايو پر ڪوسٽاريڪا 81 هين منٽ ۾ گول اسڪور ڪري 1-0 جي برتري حاصل ڪئي جيڪا آخر تائين برقرار رهي. ڪوسٽاريڪا طرفان ميچ جو واحد گول ڪيشر فلر ڪيو. جاپان کي ڪيترائي ڀيرا گول ڪرڻ جا موقعا مليا پر انهن مان فائدو نه وٺي سگهيو. ٽين ميچ ۾ موروڪو بيلجيئم کي 2-0 تان هارائي ڇڏيو. موروڪو طرفان عبدالحامد صابري ۽ زڪريا ابوخلال گول ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.