ڪنهن زهر ڏنو هو، تڪليف سبب روئندو هئس: عمران نذير جو انڪشاف

0
308

پاڪستان جي اڳوڻي بيٽسمين عمران نذير تصديق ڪئي آهي ته کيس زهر ڏنو ويو هو جنهن سبب کيس سخت تڪليف ٿي هئي

عمران نذير ۽ فاسٽ بالر وهاب رياض خانگي ٽي وي جي پروگرام جا مهمان هئا، جنهن ۾ ميزبان اڳوڻي ڪرڪيٽر کان زهر ڏيڻ بابت سوال ڪيو

عمران نذير زهر ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته کيس زهر ڏنو ويو هو، جنهن سندس جسم جا لڳ ڀڳ سمورا جوڙ بيڪار ڪري ڇڏيا، تمام گهڻي تڪليف ٿي هئي

هن چيو ته هن زهر منهنجي 10 جوڙن کي متاثر ڪيو، مان صحيح نموني هلي به نه سگهيس، ڪنهن آڏو روئي به نه پئي سگهيس، اِن ڪري واش روم ۾ وڃي روئندو هئس

ان موقعي تي عمران نذير هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي زال سان گڏ بيهڻ کي ساراهيو