فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج  جي معطل فوڊ انسپيڪٽر کان اختيارين 15 هزار ٻورين جو ايڊوانس بل ڏيڻ بابت جواب طلب ڪري ورتو. فوڊ کاتي جي ڊائريڪٽر پاران فوڊ انسپيڪٽر خالد راڄپر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر وٽ پيش ٿي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي فوڊ انسپڪٽر نصير ڏاهري جي اڳواڻيءَ ۾ گدام تي پهچي ٻورين جي ڳڻپ  پڻ ڪئي. ٻڌايو پيو وڃي ته جاچ ڪاميٽي طرفان ڪرايل ڳڻپ ۾ ٻوريون پوريون هيون جنهن بابت اختيارين کي رپورٽ به پيش ڪئي وئي آهي. معطل فوڊ انسپڪٽر خالد راڄپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون تي الزام لڳايو ويو هو ته 5 هزار ٻورين جو ايڊوانس بل ڪيو آهي. ڪاميٽي ٻورين جي ڳڻپ ڪئي ته اهي پوريون نڪتيون. ڪجهه ڏينهن اڳ فوڊ انسپيڪٽر خالد راڄپر کي معطل ڪيو ويو هو، جنهن بعد هن هڪ وڊيو بيان ۾ ڪڻڪ جي غيرقانوني سمگلنگ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا هئا.