فيس بڪ پاران 10 هزار ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جو منصوبو

0
466

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) فيس بڪ هن وقت دنيا کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي تي تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي، ٽيڪنالوجي ڪمپني ميٽاورس نالي ورچوئل ريئلٽي پليٽ فارم کي تيار ڪرڻ جي منصوبابندي ڪر ي رهي آهي، جنهن لاءِ هو 10 هزار ماڻهن کي ڀرتي ڪندي.ميٽاورس اها ٽيڪنالوجي آهي جنهن کي انٽرنيٽ جي مستقبل جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنالوجي ڪمپنين طرفان ٻين وڏي ايجاد ميٽاورس هوندي جيڪا اڃا رڳو تصور جي طور تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.نئين ايجاد کان پوءِ ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ بدران ميٽاورس جي ورچوئل دنيا ۾ وڃڻ لاءِ اوهان کي هڪ هينڊسيٽ استعمال ڪرڻو پوندو ۽ ان سان اوهان سڀني ڊجيٽل انوائرمينٽس سان رابطو قائم ڪري سگھندا.

ميٽاورس هڪ آن لائين دنيا هوندي جتي ماڻهو وي آر هيڊ سيٽ ذريعي ورچوئل ماحول ۾ گيم کيڏڻ کان سواءِ اتي ڪم ۽ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهندا.فيس بڪ طرفان بلاگ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميٽاورس نئين تخليقي، معاشي ۽ معاشرتي موقعا پيدا ڪرڻ جو ذريعو ٿي سگھي ٿي.

 ۽ يورپي ماڻهو ان جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.جنهن سان ايندڙ پنجن سالن ۾ ماهر ايجنسين لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.فيس بڪ جو چوڻ آهي ته يورپي يونين ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي فائدا آهن جن ۾ اتي واهپيدار وڏي مارڪيٽ، اعليٰ يونيورسٽيون، ۽ انتهائي باصلاحيت ماڻهن جي موجودگي آهي.پر ڪمپني جو خيال آهي ته ميٽاورس کي حقيقت بڻجڻ ۾ اڃا 10 کان 15 سال وڌيڪ لڳندا.