فياض شاهه جي ضمانت واري شوئرٽي رد، پروٽوڪول ۾ عدالت پهتو

0
235

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊويزنل  بينچ حيدرآباد راڻيپور ۾ ڪٺ دوران ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار فياض شاهه جي ضمانت واري شوئرٽي رد ڪندي فياض شاهه کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

عدالت ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ حنا شاهه جي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست به سندس غير حاضري سبب خارج ڪري ڇڏي

فياض شاهه جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته راڻيپور پوليس فياض شاهه کي ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نه پر ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، ڌمڪين واري ڪيس ۾ به فياض شاهه جو نالو شامل نه آهي، فياض شاهه کي ايف آءِ آر ۾ نامزد اڻڄاتل جوابدارن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي

عدالت سوال ڪيو ته ضمانت جي درخواست ڏيندڙ حنا شاهه ڇو پيش نه ٿي آهي؟ وڪيل چيو ته حنا شاهه ميڊيا ٽرائل جي خدشي سبب پيش نه ٿي آهي

عدالت حنا شاهه جي غير حاضري سبب سندس ضمانت واري درخواست اڪلائي ڇڏي

ٻئي پاسي راڻيپور پوليس جوابدار فياض شاهه کي حيدرآباد جي عدالت ۾ پيشي وقت پروٽوڪول ۾ پيش ڪيو

جوابدار فياض شاهه کي پوليس وين ۾ آفيسر جيان آڏو ويهاري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

قانوني ماهرن پاران راڻيپور پوليس جي جوابدار کي ڏنل پروٽوڪول ۽ ڪيس جي پروسيڊنگز تي به اچرج جو اظهار ڪيو ويو آهي

 قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته راڻيپور ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي وارثن فياض شاهه کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو

وارثن ۽ عوام جي سخت دٻاءَ سبب راڻيپور پوليس فاطمه قتل ڪيس بدران ڪٺ ۾ ڌمڪين واري ڪيس ۾ فياض شاهه کي گرفتار ڪيو

راڻيپور پوليس وڏي فنڪاري جو مظاهرو ڪندي ڌمڪين واري ڪيس ۾ به فياض شاهه جو نالو ڏنو، راڻيپور پوليس جي سمورين چالاڪين باوجود حيدرآباد جي ڊويزنل بينچ فياض شاهه جي ضمانت واري شوئرٽي رد ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار حنا شاهه  گرفتار