راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد حنا شاهه گرفتار

0
317

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار حنا شاهه  گرفتار

ايس ايس پي خيرپور دعويٰ  ڪئي آهي ته پوليس جي پريشر کانپوءِ  قتل ڪيس ۾ نامزد روپوش جوابدار حنا شاهه پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي، حنا شاهه کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيرپور ۾ پيش ڪيو ويندو

حنا شاهه فاطمه قتل ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي گهر واري ۽ فياض شاهه جي نياڻي آهي، حنا شاهه فاطمه قتل ڪيس ۾ گذريل مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  مان 7 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت حاصل  ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش نه ٿي هئي، جنهن  بعد خيرپور پوليس کيس روپوش ڄاڻايو هو

جوابدار اسد شاهه ۽ سهولتڪار امتياز ميراثي جو جسماني رمانڊ مڪمل، ٻئي جوابدار خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، پوليس سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا

هي به پڙهندا

فاطمه ڪيس: جوابدار فياض شاهه جو جسماني رمانڊ منظور