فاطمه ڪيس: جوابدار فياض شاهه جو جسماني رمانڊ منظور

0
188
فاطمه ڪيس: جوابدار فياض شاهه جو جسماني رمانڊ منظور
فاطمه ڪيس: جوابدار فياض شاهه جو جسماني رمانڊ منظور

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار فياض شاهه کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته فياض شاهه کي فاطمه قتل ڪيس ۾ نه پر ڪٺ ڪوٺائي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

گذريل ڏينهن فياض شاهه گرفتاري اڳ دستگير هائوس تي پريس ڪانفرنس دوران قرآن تي هٿ رکي چيو هو ته فاطمه جي قتل سان منهنجو، منهنجي ڌيءَ حنا شاهه ۽ ناٺي اسد شاهه جو ڪو به تعلق نه آهي

مقتول ٻارڙي جي امڙ شبنم ڦرڙو جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي