. ٽنڊوالھيار  (رپورٽر ) ميگھواڙ  برادري جي نوجوان ڦاھو کائي زندگي جو ڏيوو ھميشا لاءِ اجھائي ڇڏيو وارث پاران بااثر پاران حراسمينٽ ڪرڻ جو الزام  ۔نوجوان جو لاش حيدرآباد روڊ تي رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ٽنڊوالھيار  جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نصرپور روڊ تي ڳوٺ صالح  ھاليپوٽو ۾ نوجوان ڀڳوان داس ميگھواڙ  گلي ۾ ڦاسي جو ڦندو وجھي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ابراھيم پنھور ۽ مھتاب ھاليپوٽو ڀڳوان ميگھواڙ کي اغوا ڪري سندس گھر وارن کي به سخت تشدد ڪيو . هنن وڌيڪ چيو ته بااثر ڌمڪيون ڏيندا ھئا، خوف ۾ اچي ڀڳوان داس ڦاھو کاڌو. پوليس لاش سول اسپتال کڻائي آندو، ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.  پوليس جي چوڻ موجب واقعي جي جانچ ڪري رھيا آھيون. وارثن لاش ڪيرياشاخ باءِ پاس تي رکي ڌرڻو هنيو، موهن لال مينگهواڙ ۽ ٻين چيو ته بااثر وڏيرن چوري جو ڪوڙو الزام هڻي نوجوان ڀگوان داس مٿان تشدد ڪيو ۽ موت مار ڌمڪيون ڏنيون جنهن ڪري نوجوان خودڪشي ڪئي ڊي ايس پي ٽنڊوالهيار نوجوان جي وارثن کي مطمئن ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.