سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر بس ٽرمينل ويجهو ايل پي جي دڪان تي سليندرز ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ 4 ڄڻا زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويا، فوتين جوانگ وڌي 8 ٿي ويو، ڪو به حڪومتي نمائندو متاثر خاندانن وٽ لڙي نه آيو، ان ڏس ۾  ڊينٽر پينٽر ڪالونيءَ ۾ 4 ڏينھن اڳ جميل لنڊ جي ايل پي جي دڪان تي   باھ لڳڻ بعد گئس سلينڊرز جي ڌماڪي جا وڌيڪ 4 زخمي ملٽري روڊ جو رھواسي لياقت علي ولد ممتاز علي جمالي، اللھ آباد شڪارپور جو رھواسي امجد عرف پپو ولد اللھ بخش چنو، سکر بچل شاھ جا رھواسي ڪامران سمون ۽ شڪارپور جو رواسي بابر علي ولد سھراب انڙ به زخمن جا تاب نه سهندي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويا آھن، جنھن جي گمس اسپتال جي ذريعن به تصديق ڪئي آھي. جنھن بعد حادثي جي فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي، ياد رھي ته حادثي ۾ زخمي ٿيل 6 ورھين جو نينگر شهريار ولد محمد اقبال ڀيو، سندس وڏو ڀاءٌ اظهار ڀيو، دڪان مالڪ جميل لنڊ ۽ پورھيت نعيم جمالي اڳ ئي زخمن جي سٽ نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري چڪا آھن.