حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ شريڪ سياسي، سماجي، مذهبي، وڪيل ۽ صحافي برادري جي اڳواڻن گهر ڪئي آهي ته شهيد جان محمد جو قتل ذاتي جهيڙو نه پر صحافتي قتل آهي، جنهن قاتل ظاهر آهن ۽ اهي ڪٿي آهن اها خبر هجڻ باوجود 42 ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ سان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ رياست سنجيده ناهي ان ڪري هو پنهنجي جدوجهد جاري رکندي وزيراعليٰ هائوس توڙي وزيراعظم هائوس ۽ احتجاج ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن. ويهڪ ۾ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جان محمد مهر کي حياتي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ هو انهن ماڻهن بابت ٻڌائيندو به رهيو پر ان تي ڪا به ڪارروائي نه ٿي ۽ نيٺ هن شهادت ماڻي. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو ته اسين ڪڏهن به قاتل سان گڏ نه رهيا آهيون. اسان سدائين مقتولن جو ساٿ ڏنو آهي. جان محمد مهر جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪيا وڃن. هن چيو ته قتل ذاتي رنجش هجي يا نه هجي، ٻوري بند لاش هجن يا راهه ويندڙ ماڻهو ماريا وڃن اهو قتل ئي آهي. ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهائيندي چيو ته جان محمد مهر بهادر صحافي هو جنهن کي اسان مادر وطن ايوارڊ به ڏنو هو. هن سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته 90 واري ڏهاڪي ۾ جديد صحافت جو آغاز ٿيو ته هاري، استاد ۽ مزدور جا شعور رکندڙ ٻار صحافت ۾ آيا جن پنهنجي محنت ڪري صحافت ۾ نالو ڪمايو ته ڪن وري خوشامديون ڪري جاءِ ٺاهي. جان محمد مهر ڪميٽيڊ صحافي هو، هن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته حڪومت سدائين بهانا ڪري اسٽوريون ٺاهينديون آهن ته قتل هن سبب جي ڪري ٿيو ته جيئن قتل جا ڇنڊا انهن مٿان نه اچن. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته جان محمد مهر نه رڳو سچو صحافي پر سنڌ جي ماڻهن جو سگهارو آواز هو جنهن سکر ۾ رهي اپر سنڌ ۾ دٻاءُ ۽ جبر خلاف پنهنجو سگهارو آواز اٿاريو. هن چيو ته 5 کان 6 سالن ۾ سراسري طور 60 کان 70 صحافي قتل ٿيا آهن. پاڻ يونيسڪو پنهنجي سروي ۾ چيو آهي ته صحافين جي قتل ۾ ملوث 87 سيڪڙو ڏوهاري سزا کان بچي وڃن ٿا ۽ 13 سيڪڙو کي سزا اچي سگهي ٿي ۽ صحافت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ 73 سيڪڙو عورتن کي حراسمينٽ، دهشت ۽ دٻاءُ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته صحافين جي قتل تي ضلعي جي ايس ايس پي توڙي سيشن جج به نه ڳالهائيندو ڇاڪاڻ ته قتل ۾ ملوث ڀوتار بااثر آهن ان ڪري اسان کي آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جي درخواست ڏيڻ گهرجي ۽ آرٽيڪل 199 تحت صحافتي تنظيمون درخواستون ڏين ته جيئن جان محمد مهر جي قاتلن کي سزا ملي سگهي. ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي صدر محمد يوسف لغاري ڳالهائيندي چيو ته بي حسي بدقسمتي آهي جو اڃا تائين جان محمد جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جنهن لاءِ سياسي پارٽيون توڙي صحافي جدوجهد جي ميدان ۾ آهن. هن چيو ته هر انسان کي زندهه رهڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي توڙي انصاف ملڻ جو حق آهي پر هتي کلڻ جي به اجازت نه آهي. ان موقعي تي ايڇ يو جي، جي صدر اقبال ملاح، جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، پروفيسر امداد چانڊيو، انساني حقن جي اڳواڻ غفرانه آرائين، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ طاهر مجيد، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو، بخشل ٿلهو، عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، افضل گجر، سليمان جي ابڙو، سينيئر صحافي جنيد خانزادو، حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان، سنڌ هاري ڪميٽي جي سربراهه ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، جئه پرڪاش موراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.