اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ خالي بلدياتي سيٽن تي ننڍي چونڊن جو شيڊول جاري

0
226
پاڪستان بار جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن جو رد عمل
پاڪستان بار جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن جو رد عمل

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ خالي بلدياتي سيٽن تي ننڍي چونڊن جو شيڊول جاري، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد  سوڌو ٻين ضلعن ۾ خالي سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيوويو آهي

 اي سي پي چيو آهي ته اُميدوارن پاران 5 کان 7 آڪٽوبر تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا، اُميدوارن جي حتمي فهرست 12 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي، 19 آڪٽوبر تائين اپيلن تي فيصلا ڪيا ويندا ۽ 22 آڪٽوبر تي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا

 5 نومبر تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز جون ضمني چونڊون ڪرايون وينديون، ڪميٽيز، ڪائونسلرز ۽ ڪارپوريشنز جي مخصوص سيٽن جو اعلان 20 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد به ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندا