سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ

0
197

خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي  جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي، اسپيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت  جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين  خلاف اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

پي ٽي آءِ چيئرمين  جي ليگ ٽيم  ۾ شامل لطيف کوسو، نعيم پنجوٿا، بيرسٽر سلمان صفدر ۽ عمير نيازي عدالت ۾ پيش، جج ٻڌڻي بعد پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل رمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ جڊيشل  ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالتي عملي سندس حاضري لڳائي، عدالت شاهه محمود قريشِي  کي به جڊيشل  رمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي