فوجي عدالتن ۾ سولينز ٽرائل ڪيس: فل ڪورٽ جوڙڻ واري حڪومتي درخواست رد

0
311
فوجي عدالتن ۾ سولينز ٽرائل ڪيس: فل ڪورٽ جوڙڻ واري حڪومتي درخواست رد
فوجي عدالتن ۾ سولينز ٽرائل ڪيس: فل ڪورٽ جوڙڻ واري حڪومتي درخواست رد

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ڪيس هلائڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ واري وفاقي حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته هن وقت ججز دستياب نه آهن، فل ڪورٽ جوڙڻ ناممڪن آهي، چيف جسٽس چيو ته حڪومت بينچ تي اعتراض ڪيو ته مون کي حيرانگي ٿي، ان ڳالهه جي خوشي آهي ته فوج جي حراست ۾ موجود ماڻهن کي خاندانن سان ملڻ ڏنو پيو وڃي

اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي به فل ڪورٽ جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي، جسٽس يحيٰ آفريدي جي موقف جي تائيد ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي

 جسٽس عائشه ملڪ چيو ته گذريل ٻڌڻيءَ تي توهان هڪ ميمبر تي اعتراض ڪيو، هاڻي فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪيئن ڪري رهيا آهيو؟ اٽارني جنرل چيو ته دستياب ميمبرز تي ٻڌل بينچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي

 جسٽس عائشه ملڪ چيو ته توهان اهو ڪيئن سوچي ورتو ته چيف جسٽس دستياب ميمبرز جي بينچ نه جوڙي هوندي، جسٽس منيب اختر چيو ته توهان هن ئي بينچ جي آڏو پنهنجا دليل جاري رکو

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ڪيس هلائڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي