سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ڪيس هلائڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي

0
128
سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ڪيس هلائڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي
سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ڪيس هلائڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ڪيس هلائڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

چيف جسٽس چيو ته عيد کانپوءِ پهرين هفتي ۾ ٻڌائينداسين ته درخواستن تي ايندڙ ٻڌڻي ڪڏهن ٿيندي، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل بيان ڏيندي چيو ته صحافي عمران رياض خان اسان جي حراست ۾ نه آهي، رياست سندس بازيابيءَ لاءِ گهربل معاونت فراهم ڪندي

 چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران رياض جي بازيابيءَ لاءِ ڪوشش ڪيو ته جيئن هو عيد پنهنجن گهر ڀاتين سان ڪري سگهي

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته فوجي اٿارٽي ڪنهن شخص کي بنا چارج جي ڪيئن گرفتار ڪري سگهي ٿي؟ شاهدين کانسواءِ ڪيئن الزام هنيا وڃن ٿا، هي معاملو سنجيده ۽ سمجهه کان مٿانهون آهي، جهول قانون ۾ آهي

 جسٽس منيب اختر چيو ته هڪ ماجسٽريٽ به پوليس رپورٽ اچڻ تائين جوابدار خلاف ڪارروائي نه ٿو ڪري سگهي، رڳو جنگ ۽ جنگي حالتن ۾ ڪنهن شخص جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، بنيادي حق معطل  نه هجن ته سولين جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ نه ٿو ٿي سگهي

 اٽارني جنرل چيو ته هاڻي جيڪا ڪارروائي هلي رهي آهي اها فوج جي اندران معاونت جي الزام جي آهي، اڃا تائين ڪنهن سولين جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل شروع نه ٿيو آهي

هي به پڙهندا

فوج جي اندران معاونت جي الزام جي ڪارروائي هلي رهي آهي: اٽارني جنرل جو سپريم ڪورٽ ۾ بيان