شهدادپور: اغوا ڄاڻايل ناري بازياب، مڙس مٿان سنگين الزام

0
287

ڪراچي پوليس پاران شهدادپور ويجهو ڪارروائي دوران مبينا طور اغوا ٿيل جوهر موڙ واسڻ ناريءَ کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ڪراچي جي شاهراهه فيصل ٿاڻي جي پوليس شهدادپور ويجهو ڳوٺ گل محمد سهتو ۾ ڪارروائي ڪندي ڪلثوم بلوچ کي مبينا طور بازياب ڪرايو

 ناريءَ کي شهدادپور ٿاڻي تي آڻي ضروري ڪارروائي بعد ڪراچي اماڻيو ويو، 13 جولاءِ تي شميم خان گهر واريءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو

 جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر سليم خان جو چوڻ آهي ته ناري کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار سهيل سهتو فرار ٿي ويو

مبينا طور بازياب ڪرايل ڪلثوم جو چوڻ آهي ته مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي گهران نڪتي آهيان،مڙس تشدد ڪندو آهي، سهيل سهتو سان پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتي آهيان، مڙس کان طلاق لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، پوليس پاران ڪلثوم کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

بخشاپور ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ڏير ڀاڄائيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو