پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف غيرشرعي نڪاح ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار

0
315
پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف غيرشرعي نڪاح ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار
پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف غيرشرعي نڪاح ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار

پي ٽي آءِ چيئرمين  ۽ بشريٰ بي بي خلاف غيرشرعي نڪاح ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار، اسلام آباد جي  سينيئر سول جج قدرت الله جي عدالت 9 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

 عدالت گذريل ٻڌڻي تي غير شرعي نڪاح ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو،  پي ٽي آءِ چيئرمين  ۽ بشريٰ بي بي کي 20 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا

 تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نڪاح پڙهائيندڙ مفتي سعيد موجب هن پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جو ٻه ڀيرا نڪاح پڙهايو، پهريون نڪاح پهرين جنوري 2018 تي پڙهايو ويو

مفتي سعيد موجب جنوري ۾ نڪاح کانپوءِ خبر پئي ته نڪاح عدت واري عرصي ۾ ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري ٻيو نڪاح فيبروري ۾ پڙهايو ويو، نڪاح خوان کي عدت واري ڳالهه عون چوڌري جي موجودگي ۾ ٻڌائي وئي

 پهريون نڪاح لاهور ۽ ٻيو نڪاح اسلام آباد ۾ ٿيو، عدت جي عرصي ۾ مبينا طور ڪيل نڪاح ڏوهه آهي، پهرين نڪاح بعد پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي بني گالا ۾ گڏجي رهڻ شروع ڪيو

تحريري فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بني گالا اسلام آباد جي حدن ۾ آهي تنهن ڪري معاملو عدالتي اختيار جي دائري ۾ اچي ٿو

هي به پڙهندا

فوجي عدالتن ۾ سولينز ٽرائل ڪيس: فل ڪورٽ جوڙڻ واري حڪومتي درخواست رد