ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اڳوڻي فاتح ڪپتان يونس خان چيو آهي ته بابراعظم ۽ ٽيم انتظاميا کي اظهر علي ۽ فواد عالم جي خراب فارم باوجود هنن جي حمايت ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. مقامي ميڊيا آئوٽ ليٽ سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته ٻنهي رانديگرن جو ٽريڪ رڪارڊ سٺو آهي ۽ اهي پنهنجي فارم سان لاڳيتو جدوجهد ڪري رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي ته هنن رانديگرن جي ويجهڙ واري پرفارمنس کي نظرانداز ڪري هنن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. يونس خان چيو ته اسان کي فواد ۽ اظهر علي جهڙن رانديگرن سان گڏ بيهڻ جي ضرورت آهي. فواد عالم راند ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪيو آهي پر اهو فارم ۾ ناهي. ٽيم انتظيما کي هن وقت هن جو ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عبدالله شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي شروعات بهترين فارم ۾ ڪئي آهي. اهو ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ اهڙي طرح ڪارڪردگي ڏيکاريندو رهندو.