برمنگهم(اسپورٽس نيوز) برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ آسٽريليا ميڊلز جي هاف سينچري مڪمل ڪري ورتي. آسٽريليا گڏيل طور 52 ٻلا کٽي ورتا جن ۾ 22 سون، 13 چاندي ۽ 17 ٽامي جا ٻلا شامل آهن. ڪامن ويلٿ گيمز ۾ انگلينڊ 34 ميڊلز سان گڏ ٻئي، نيوزيلينڊ 19 ٻلن سان گڏ ٽئين، ڏکڻ آفريڪا 4 جڏهن ته ڀارت ۽ ڪينيڊا 3-3 گولڊ ميڊلز کٽي چڪا آهن.