اسلام آباد: پريس ڪانفرنس دوران سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ وزير اعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر نيب چيئرمين جاويد اقبال جي تعريف ڪندي سندس ڪارڪردگي کي بهتر قرار ڏئي ڇڏيو، فواد چوڌري چيو ته نيب چيئرمين جسٽس رٽائر جاويد اقبال کي مبارڪ ڏيان ٿو ان پنهنجي مدت دوران جوابدارن کان 400 ارب وصول ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آھن جيڪو قابل تحسين عمل آھي جڏهن ته وزير اعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته جسٽس رٽائر جاويد اقبال جي صدارت ۾ نيب شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آھي ڪرپٽ ماڻهن کان 400 سو ارب وصول ڪرڻ کانسواءِ نيب جي قانوني ٽيم ڪيسن جي موثر نموني ڪيسن جي پيروي به ڪري رهي آھي.