رياض (م ڊ) حرم مڪي جو سينيئر موذن شيخ عبدالرحمان العجلان 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سعودي عرب ميڊيا موجب سينيئر موذن شيخ عبدالرحمان العجلان قصيم جي عدالتن جو اڳوڻو سربراهه به هو. ميڊيا رپورٽن موجب شيخ عبدالرحمان العجلان ڪورونا وبا دوران به آن لائين تدريس جاري رکي. شيخ عبدالرحمان تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شرعي علم تي پنهنجو ڌيان رکيو ۽ پاڻ کي مسجد الحرام ۾ تدريس جي لاءِ وقف ڪري ورتو، هو لڳ ڀڳ 35 ورهين کان وڌيڪ عرصو مسجد الحرام ۾ درس ڏيندو رهيو.