فطرت پسنديت فلسفو

0
153
فطرت پسنديت فلسفو

فطرت پسنديت (Naturalism) فلسفو، حقيقت پسنديت (Realism) وانگر خيال پسنديت (Idealism) جي بنيادي تصورن ۽ سچائي بابت تشريح کي رد ڪري ٿو ۽ ارتقائي سببن ۽ نتيجن تي يقين رکي ٿو. ھي فلسفو مادي کي حقيقت ۽ سچائي ڄاڻي ٿو. ھڪ پاسي ھي روحانيت، روحاني ۽ ابدي دنيا توڙي خالص ذھني تصورات (غير مشاھداتي) کي نه ٿو مڃي، ته ٻئي پاسي حواسي معلومات کي سچائيءَ تائين پھچڻ جو رستو ۽ وسيلو ڄاڻي ٿو. ان مطابق ڪي به تصور يا اقدار آفاقي نه آھن. ڪائنات توڙي انسان ۽ سندس ذھن فطرت يا ارتقا جي پيداوار آھن، جيڪا پنھنجي فطري ۽ ڪائناتي قاعدن تحت ھميشه کان روان دوان آھي؛ فطرت پنھنجو پاڻ ۾ مڪمل آھي ۽ ڪنھن غيبي طاقت يا فيصلي جي محتاج نه آهي؛ ۽ ھر شيءِ فطرت منجهان ڦٽي آھي ۽ ان ڏانھن واپس ورڻي آھي. ھي فلسفو ھن ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته دنيا ۾ ڪا مطلق نيڪي يا برائي پنھنجو وجود نه ٿي رکي پر ماڻهن جا نيڪي ۽ برائي بابت تصور نسبتي آھن، ٻين لفظن ۾ اسان جا اعليٰ اقدار ۽ اصول پڻ خودساخته آھن. انسان بذات خود ‘سٺو’، ‘حقيقت پسند’ ۽ ‘فطرت پسند’ پيدا ٿيندو آھي پر معاشرو ان کي بگاڙي ڇڏيندو آهي.

تاريخي پسمنظر:ھن فلسفي جون پاڙون سقراط کان گهڻو اڳ ٿيلز (Thales of Miletus, 624-546 B.C)  جي پيش ڪيل تصور ڏانھن وڃن ٿيون ته ڪائنات پاڻيءَ مان جڙي آھي ۽ اسان ھر فطري لقاءُ کي فطرت جي سببن ۽ نتيجن وسيلي سمجهي سگهون ٿا. ھن تصور کي يونان جي ڏاھي ارسطو (Aristotle 384-322 B.C) عملي صورت ڏني ۽ پنھنجن اڻڌرين مشاھدن ۽ منطقي نتيجن جي بنياد تي دنيا جي مختلف شين ۽ لقائن کي سمجهڻ جي باقاعده شروعات ڪئي ۽ اٽڪل 150 ڪتاب لکيا. ڇھين کان سورھين صديءَ تائين مسلمانن جي فطرت پسندي، اڻڌرئي تحقيقي مشاھدن، تجربن ۽ لاڙن يعني سائنس سان چاھ انهن کي ڪيتريون ئي ڪاميابيون جهوليءَ ۾ وڌيون؛ سندن ڪاميابين جي هاڪ جڏھن يورپ، جيڪو ان وقت تاريخ جي تاريڪ دور مان گذري رھيو ھو، ۾ پھتي ته اتان جي ماڻھن تنگ نظري ۽ مفادن واري مذھبي ذھنيت جو نقاب لاھي ڦٽو ڪيو. نتيجي ۾ اھي سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل کي چنبڙي پيا، جنھن انهن کي ترقي پسندي ۽ روشن خيالي جي نئين زندگيءَ جي دڳ لاتو ۽ اتي سائنس ۽ صنعت جو ھڪ نئون دور شروع ٿيو، جنھن انهن جون زندگيون مڪمل تبديل ڪري ڇڏيون. سترھين صديءَ جي ٿامس ھوبس (1588-1689) پڻ اھو چيو ھو ته دنيا توڙي انساني روين ۽ عملن جي سببن- نتيجن وسيلي وضاحت ڪري سگهجي ٿي.ارڙھين ۽ اوڻيھين صديءَ ۾ خاص طور يورپ ۾ فطرت پسنديت ھڪ فلسفيانه تحريڪ طور اڀري، ان دور ۾ فرانس جي برون ڊي-ھالبيڪ جي ڪتاب (The System of Nature -1770) کي ھن فلسفي جو ڪلاسيڪل ڪتاب ڪوٺيو ويندو آهي. اوڻيھين صديءَ ۾ انگريز ماھر حياتيات چارلس ڊارون (1809-1882) ‘ارتقا’ ۽ ‘موزون ترين فطري خاصيتن جي چونڊ’ جو نظريو پيش ڪيو، جنھن مطابق سڀ زنده شيون ھڪ ئي جاندار مان پيدا ٿيون آھن ۽ ڪروڙين سالن تي محيط ارتقا جا مرحلا طئي ڪري موجوده شڪلين تائين پھتيون آھن ۽ ان عمل ۾ ڪنھن آفاقي طاقت يا سرجڻهار جي ڪا به مداخلت نه رھي آھي. ھن فلسفي جي ٻين اھم حامين ۾ ڊيوڊ ھيوم، فريڊرڪ نطشي، لڊوگ فيوئربيڪ وغيره شامل آهن. ھن فلسفي کي ارڙھين صدي ۾ فرانس جي ڏاھي جين جيڪس روسو (1712-1778) تعليم تي لاڳو ڪيو ۽ پنھنجا جڳ مشھور ڪتاب “Social Contract” ۽ “Emile, or on Education” لکي تعليم کي استاد- مرڪز مان شاگرد- مرڪز ۽ فطرت پسند بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس خيال ھو ته، “ھر شيءَ جيڪا فطرت جي ھٿن مان اچي ٿي، اھا سٺي آھي پر ماڻھن جي ھٿن ۾ اچي تباھ ٿي وڃي ٿي”. (Emile, 1762)، “فطرت اسان کي ڪڏھن به دوکو نه ٿي ڏئي پر اھي اسان آھيون، جيڪي پنھنجو پاڻ کي دوکو ڏيون ٿا”. (Confessions, 1782) “انساني تھذيب پنھنجن پيدا ڪيل آزارن ۽ بڇڙائين کي ختم ڪرڻ جي ھڪ بيڪار اميد آھي.(Social Contract, 1762).  ويھين صديءَ ۾ ھن فلسفي ٻين شعبن جھڙوڪ فلسفي، سائنس، نفسيات، ادب ۽ آرٽ تي پنھنجا اثر ڇڏيا ۽ ايمائيل زولا، ٿيوڊور ڊريسر ۽ جيڪ لنڊن انساني فطري جذبات ۽ محسوسات کي پنھنجن ادبي شاھڪارن ۾ جڳھ ڏني. موجوده دور جو انگريز حياتيدان رچرڊ ڊاڪنس (1941- تاحال)، جيڪو لادين طور مشھور آھي، پڻ فطرت پسنديت جو وڏو حامي آھي ۽ ھن ارتقا تي کوڙ ساري تحقيق ڪئي آھي ۽ ان بنياد تي سندس پڻ اھو خيال آھي ته ڪائنات توڙي دنيا کي سببن- نتيجن وسيلي سمجهي سگهجي ٿو.

فطرت پسنديت جا اصول:(1) فطرت يا ڪائنات سببن- نتيجن تي دارومدار رکي ٿي ۽ اھا ڪنھن غيبي طاقت يا سرجڻهار جي محتاج نه آهي.

(2) اسان جا حواسي مشاھدا، خبردار تجربا، عقلي دليل يا منطق ئي اسان کي دنيا توڙي ڪائنات بابت ڀروسي ۽ تصديق لائق معلومات ۽ سچائي تائين رسائڻ جا وسيلا آھن.

(3) سائنس ۽ سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل فطرت ۽ فطري لقائن کي بھتر انداز ۾ بيان ڪندڙ آھن؛ مطلب ته ھي فلسفو معروضيت (Objectivity) جو شديد حامي آهي.

(4) مادو، ماديت ۽ زندگي حقيقتون آھن، انھن کان علاوه سڀ شيون، جھڙوڪ مشاھدن کان آزاد ذھني تصورات ۽ روح يا روحاني دنيا، خام خيالي آھن.

(5) ھر مادو ارتقا ڪندو رھيو آھي ۽ سڀ جاندار ھڪ وارث منجهان موزون خاصيتن جي فطري چونڊ وسيلي ارتقا جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا آھن.

(6) انسان جسم ۽ روح جو مرڪب نه آھي پر فقط جسم آھي، جنھن ۾ ارتقا جي عمل سان زندگيءَ جا سڀ جزا ۽ پيچيده نظام جڙيا آھن.

(7) انسان ماحول جي پيداوار آهي، يعني اسان جي سوچ، رويا ۽ عمل مختلف ماحولياتي يا فطري محرڪن ھيٺ پيدا ٿيندڙ آھن؛ ٻين لفظن ۾ ھي فلسفو انسان جي پيدائشي آزاد سوچ ۽ مرضي جو انڪاري آھي.

(8) فطري ماحول ئي سڀ کان وڏي درسگاهه آھي، يعني ھٿراڌو ماحول، ثقافتون، قدر ۽ پابنديون بيڪار آھن.

فطرت پسنديت تي تنقيد:ھن فلسفي تي مختلف وقتن تي مختلف بنيادن جي حوالي سان تنقيد ٿيندي رهي آهي. ڪيترن دانشورن جو خيال آھي ته ھن فلسفي جي تخفيف پسندي (Reductionism)، جبريت (Determinism)  تي انحصار ۽ انساني جذبات ۽ محسوسات کي نظرانداز ڪرڻ يا گهٽ اھميت ڏيڻ سندس ڪمزور پاسا آھن؛ ان کان سواءِ ھي فلسفو انسان جي انفراديت جو انڪاري پڻ آھي ۽ ثقافت ۽ تاريخ کي پڻ غير اھم سمجهي ٿو. ان ڪري ڪجهه نقاد ھن کي انساني وجود جي بي- معنيٰ ھجڻ سان پڻ جوڙيندا آھن ۽ ناڪاري فلسفي طور سمجهندا آھن.