ايجنسي ٿيوري، اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ جي سياست

0
181
ايجنسي ٿيوري، اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ جي سياست

 پنهنجي سياسي افق تي انقلاب جو انتظار ڪندي پيارو پاڪستان اچي پنجهتر سالن جي عمر کي پهتو آهي. عمرِ عزيز جا پنجاهه سال پورا ڪرڻ وقت جڏهن هو ايٽمي قوت بڻيو هو،  تڏهن ويهين صدي ختم ٿيڻ تي هئي، انتظار هو ته ايڪيهين صديءَ ۾ نئون انقلاب برپا ٿيندو، ملڪ بهشت بڻجندو، پوري دنيا نه ته به اسلامي دنيا جي امامت جي پڳ پاڻ کي ملندي پر بدقسمتيءَ سان ملڪ جو معاشي وايو منڊل ان حد تي پهتو آهي، جو ٻاويھ ڪروڙ عوام مهاتما ٻڌ وانگر نرواڻ حاصل ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي. سماجي بي حسي، سياسي محاذ آرائي ۽ معاشي تنگدستي، زمان ۽ مڪان جون سرحدون لتاڙي ڇڏيون آهن، جنهن سان پاڪستان جو سياسي منظر نامو خوفناڪ ڏيک ڏيئي رهيو آهي. بدقسمتيءَ سان سياسي توڙي رياستي سطح تي اهڙي خوفناڪ صورتحال کان پاڪستان کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نٿا ورتا وڃن.

                 تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان معلوم ٿيندو ته موجوده منظر نامو ڪو اوچتو ظهور پذير ڪونه ٿيو آهي ۽ نه ئي اها ڪا عمران خان جي چئن سالن جي ڪارستاني آهي، پر حقيقت اها آهي ته ههڙي صورتحال جا بنياد خود قائد اعظم عليه رحمت جي دور ۾ پئجي چڪا هئا، جڏهن دٻڙ ڌئونس ۾ پاڪستان جي خالق قومن کان سندن ٻولي ۽ شناخت ڦرڻ جي شروعات ٿي هئي، جڏهن اسلام، جمهوريت، رياست، سياست ۽ ثقافت جي سائنسي تشريحن کي شيطانيت ۽ پاڪستان دشمني سان منسوب ڪيو ويو هو، فرد جي آزادي، ان جي تقرير ۽ تحرير تي بندشون وڌيون ويون هيون. 1935ع ۾ انگريزن جي ڏنل انڌي منڊي ايڪٽ ۾ به ترميمون ڪرڻ جي شروعات ٿي هئي. حقيقت اها آهي ته آزادي ماڻڻ کان پوءِ اسان حقيقتن کان نظرون چورائڻ ۽ عوام سان منافقانه انداز ۾ پيش اچڻ جي شروعات ڪئي هئي. مذهب سان ڪو شغف نه هوندي به مذهبي انداز اختيار ڪيوسين. سوشلزم جي الف بي کان اڻواقف هوندي به ڪامريڊ سڏائڻ تي فخر محسوس ڪيوسين. روحاني طور ڊڪٽيٽر هجڻ باوجود جمهوريت لاءِ رت رناسين، اهڙي منافقت، ايڏي مصنوعيت اختيار ڪئيسين، جو رياست تھ بالا ٿي وئي، عوام جو سياسي ۽ سماجي شعور ترقي نه ڪري سگهيو ۽ اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.

تاريخ جي جهروڪن ۾ نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته اهو سماج ئي آهي، جنهن وقت به وقت مختلف معاهدن هيٺ نه رڳو رياست کي جنم ڏنو پر ان جي ادارن جي تخليق ڪرڻ کان پوءِ انهن کي گڏائي رياست مٿان حڪومت ڪرڻ جو به اختيار ڏنو، جنهن  ۾ عدليه، پارليامينٽ ۽ انتظاميا اهم آهن پر ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي معاشي طور  ڪمزور ۽ غير جمهوري ملڪن ۾ فوج کي به رياستي ادارو ڳڻيو ۽ شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي.

سماجي معاهدي ذريعي عوام پنهنجا اختيار ۽ پنهنجو اقتدار مٿين ادارن جي حوالي ڪري ٿو، بلڪل ايئن، جيئن ڪنهن بزنيس ۾ ڪو سيٺ واپار جو  مالڪ هجڻ باوجود  پنهنجا تجارتي معاملا ڪنهن عيوضيءَ حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هر سماجي معاهدي جو  مکيه مالڪ عوام هوندو آهي، جنهن جي عيوضي طور  نمائندگي ملڪ جا سياستدان ڪندا آهن ۽ رياستي ادارا ان جا ايجنٽ يا گماشته آهن، پر جڏهن اوچتو ئي اهي ادارا مالڪ کي ڪڍي ٻاهر اڇلائي، پاڻ مالڪ بڻجي ويهن ته ان عمل کي Agency Theory  سڏيو ويندو آهي. اهڙي طرح پاڪستاني سياست ۾ ايجنسي ٿيوري جو مطلب ته سياسي يا تجارتي معاملن تي عوام بدران سماجي معاهدي هيٺ مقرر ٿيل عيوضين جو قبضو هجڻ آهي. سپريم ڪورٽ جا آئين کي بچائڻ  جي بهاني سڀ عمل ايجنسي ٿيوري جي ذمري ۾ اچن ٿا.

پاڪستان 1947ع ۾ وجود ۾ آيو هو، ان وقت رياست جي مُک مالڪ طور هتان جو عوام ڇڙ وڇڙ هو. قائد اعظم پاڪستان جي قيام کي چپ عوام بدران پنهنجي ٽائپ رائٽر جو ڪرشمو سڏيندو هو. وزيراعظم سان اختلافن سبب پاڪستان جي رياستي مشنري سندس حڪمن مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. جنرل گريسي طرفان سندس حڪم مڃڻ کان کتو جواب، ريڊيو پاڪستان جي DG  بخاري صاحب جو سندس تقرير کي براڊ ڪاسٽ نه ڪرڻ  جهڙا واقعا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن. اهو جنرل گريسي هو، جنهن جنرل اڪبر خان خلاف لياقت علي خان جا ڪن ڀريا هئا، ڇو ته هن ايوب خان کي ڪمانڊر انچيف ڏسڻ پئي چاهيو. راولپنڊي سازش ڪيس جنرل گريسي جي دماغ جي پيداوار هو. دراصل انگريزن کي هڪ مضبوط جنرل کپندو هو ۽ ايوب خان جي روپ ۾ هنن هڪ اتحادي چونڊي ورتو هو، جنهن اڳتي هلي سيٽو ۽ سينٽو جهڙن معاهدن ۾ شموليت اختيار ڪئي، جيڪي ملڪ لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيا. ايوب خان برطانيا ۽ آمريڪا جي مدد سان فوجي بغاوت جا رستا هميشه لاءِ کولي ڇڏيا. يحييٰ خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي بغاوتن کي مغرب جي پٺڀرائي حاصل هئي. ايوب خان نه فقط پينٽاگون سان رابطن جو بنياد رکيو هو پر ساڳئي وقت هن IFI’s يعني عالمي مالياتي ادارن سان به اسٽيبلشمنٽ جا لاڳاپا استوار ڪيا هئا، تڏهن ته عمران خان جي دور ۾ جنرل باجوه جي چوڻ تي IMF يا ٻين ادارن کان اوڌر ملندي هئي. هن ڏس ۾ جنرل شير علي جو دلچسپ ڪتاب Story of soldiering politics پڙهڻ وٽان آهي. ايوب خان اڃا ليفٽيننٽ جنرل طور جنرل گريسي کان سياسي سبق وٺي رهيو هو، تڏهن هڪ دفعي هن کيس چيو هو ته، “اسان جي ملڪ ۾ اڳتي هلي ڪمانڊر انچيف، وزيراعظم کان وڌيڪ اهميت وارو ٿيندو”. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ايوب خان به عمران خان  وانگر جاگرافيائي ماهر طور بيان ڏيندي چيو هو ته، “جمهوريت سرد ملڪن جي پيداوار آهي، پاڪستان جهڙن گرم ملڪن ۾ ان جو اسرڻ مشڪل ٿيندو”.

ايوب خان ملٽري ۽ بيوروڪريسي جي اتحاد سان ڏھ سال حڪومت ڪئي. ملڪ ۾ 1956ع جي آئين هيٺ جيڪا جنرل اليڪشن ٿيڻي هئي، سا وڃي 1970ع ۾ منعقد ٿي پر پوءِ به ملڪ کي جمهوريت نه آئڙي، اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو. پاڪستان جي آئيني تاريخ سان رڳو سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ زيادتيون ناهن ڪيون پر سياسي اسٽيبلشمينٽ به قهر جا ڪهاڙا هلايا آهن. ڀُٽي صاحب جي سياسي تاريخ جو اهڙو پهلو ڪنهن کان لڪل ڪونهي. هن وقت به آئيني حڪمن جي انحرافي PDM  ڪري رهي آهي. سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جا جهنڊا گڏ جهولي رهيا آهن.

تاريخي طور مد مقابل اسٽيبلشمينٽون هاڻي جڏهن ملڪ گير سطح تي ‘يڪ جان- دو قالب’ جو روپ وٺي چڪيون آهن، تڏهن سنڌ سطح تي سياست ڪندڙ قوم پرست پارٽين کي پنهنجي سياست جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. درحقيقت سنڌ جي قوم پرست پارٽين کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ سياسي تبديلين مطابق پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هونئن به  اليڪشني سياست ۾ مهلائتا ۽ بروقت فيصلا ئي ڪاميابين سان همڪنار ڪندا آهن کين Real-politik جي رمزن جو بغور مطالعو ڪرڻ گهرجي. ملڪ گير پارٽين جن ‘ووٽ ڪو عزت دو’ جي نعري سان تحريڪ جي شروعات ڪئي هئي، تن پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ اسٽيبلشمينٽ سان سهڪار ڪرڻ جي  راه ورتي آهي. بلوچستان ۽ پختونخوا جا قوم پرست ڪڏهانڪر ان ڳالھ تي عمل پيرا آهن. هن صلاح مان منهنجو مقصد سنڌ جي آئيني ۽ قومي حقن کان دستبرداري هرگز ناهي پر حقيقت اها آهي ته اسان جون پارٽيون اڃا ۽ ستر ۽ اسي واري سياست ۾ مستغرق آهن، جڏهن ته موجوده دور ۾ سياست جا پيمانا تبديل ٿي چڪا آهن، سياسي اختلافن باوجود ڳالهين جا در بند ناهن ڪيا ويندا. ياد رکو حيدرآباد گيريزن جي “سنڌ ميوزيم” ۾ فقط راجا ڏاهر، هوش محمد شيدي ۽ دولهه دريا خان جو تصويرون لڳل آهن، جيڪي شهيدِ سنڌ آهن.

[email protected]