اشو آف دي ڊي … فنڪار کي فنڪار رهڻ ڏيو، پارٽين ۽ فڪرن جو ترجمان نه بڻايو: احمد مغل جي ڀٽو واري گيت بعد سوشل ميڊيا تي بحث

0
29

 احمد مغل جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڀٽو جي حوالي سان گيت آهي، ان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، احمد مغل مٿان تنقيد ڪئي وئي ته ساراهه به ڪئي وئي، اهو به چيو ويو ته وڊيو ۾ آواز احمد مغل جو ناهي، اهو به چيو ويو ته احمد مغل اهو ڪلام فرمائش تي ڳايو هو. ان حوالي سان رياض ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته احمد مغل تي ڀٽو جو ڪلام ڳائڻ تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، جنهن تي جميل گاد لکيو ته منهنجي خيال ۾ تنقيد ٿيڻ کپي، فنڪار ته سڄڻ سنڌي، ٻيجل سنڌي به ته آھن يا سندس ڀاءُ سرمد به ته هيو نه! بس هاڻي ماڻھن کي مال کپي، جاويد سومرو پوسٽ سان اتفاق ڪيو،  ماڻڪ ڪنگراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فنڪار کي فنڪار رهڻ ڏيو مائينڊ سيٽ  جو جهنڊو نه بڻايو، سنڌ  جي قومي  گيتن جو تصور اڄ به سائڻ عابده پروين جي نالي سان مڪمل ٿئي پيو  عابده پروين کي هاڻوڪو جوان ٿيندڙ  نسل صوفي فنڪار طور سڃاڻي ٿو،   فن گائيڪي تي دسترس رکندڙ  عابده پروين  مارڪيٽ  ۾ صوفي فنڪاره جي سڃاڻپ ڳولي وٺڻ  ۾  گهڻي دير ڪونه ورتي آهي هڪ گهڙي سوچيو احمد مغل صاحب جيڪو آهي ئي درويش سنڌ جي آسري ان تي توهانجي خواهشن  سميت ٻطرفو دٻاءُ  پوي ٿو،  سوچيو ته هن سان ڪهڙو حشر ٿيندو، هي همراهه  توهانجي خواهشن جو اثر  قبول ڪري بيهي به رهيو ته پوءِ  سوچيو  هن فقير مڙس لاءِ ٻيو آپشن ڪهڙو بچندو؟ ٺيلهي تي قلفيون وڪڻڻ  تي مجبور ٿي ويندو، عرض فقط اهو ڪرڻو آهي فنڪار کي فنڪار رهڻ ڏيو پارٽين ۽ فڪرن جو ترجمان نه بڻائڻ  گهرجي، ذوالفقار جمالي، منظور حسين پنهيار، اياز علي رند، چانڊيو انور عزيز، بهاول خان بلوچ، گلبهار جمالي پوسٽ سان اتفاق ڪيو، حجت سنڌي لکيو ته هي ڪو وڏو فنڪار ڪونهي نه ئي ڪو سلڇڻو ماڻهو آھي پيسن ڪمائڻ خاطر ۽ پي آر ڪمائڻ لاءِ سرمد جي جڳھه والاري، پي آءِ اي ۾ نوڪري اٿس، اڳي سنڌ جي نياڻي ڳائي ماڻهن کي گمراهه ڪري  پ پ ڏانهن ڇڪڻ جو ڪم ڪيائين، فقير سليم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي فنڪارن کي گذارش آھي ته ڪو به گيت ڳائڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي موجود سنگت کان اجازت وٺن، ٻئي صورت اھا بي لغام برگيڊ اوھانکي گاريون پئي ڏيندي، خليل ڪنڀر لکيو ته بلڪل ايئن ڪرڻ گهرجي، سڪيلڌو راهمون لکيو ته حالت آهي هتي سائين رڳو فنڪار نه هر ماڻهو کي پنهنجي سوچ مطابق هلائڻ جي بيماري آهي. اسلم لغاري لکيو ته سرڪاري گيت ڳائيندا ته ماڻهو پنهنجي راء ته ڏيندا نه، برڪت نوناري احمد مغل جو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ميڏي جند جان ڏوڪڙ، ميڏا ايمان ڏوڪڙ، جنهن تي نظام الدين اوليويا لکيو ته مھانگائي آ. پيٽ به ته پالڻو آھي نه، آصف ٿيٻو لکيو ته سڀئي سرمد ناهن ٿيندا، ٻي ڳالھه مهنگائي وڌي وئي آهي سنڌي فنڪار اڳ ۾ ئي بک پئي مئا بس آفر اچڻ جي دير هئي، اسماعيل مهر لکيو ته سرمد تـ ناھي جو صرف سنڌ ڳائي، لطف الله چانڊيو لکيو ته قاضي احمد ڀرسان مرين جي محفل هئي، سرمد جيئي سنڌ جا گيت چئي رهيو هو، رئيس غلام نبي مري کيس چيو ته پ پ جا گيت چئو، سرمد چيو اسان سنڌ جا گيت چوندا آهيون پ پ جا نه، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو لکيو ته ڇا ھي سرمد سنڌي جو ڀاءُ آھي . افسوس اٽو مھانگو ٿي ويو، شل باقي بچيل پنھجو ايمان سلامت رکي سگھجن، نياز حسين گبول لکيو ته احمد مغل جي بھترين پرفارمنس تي صدارتي ايوارڊ جي گھر ڪيون ٿا، محمد حنيف عباسي لکيو ته بُکَ بُري بلا آھي استاد،ھرڪو سرمد نٿو ٿي سگھي،سرمد مٿان نوٽن جي گھور ھوندي ھئي،پر پاڻ ڪڏھن به نوٽن تي ڌيان ڪونه ڏنائين، ايم حيات سميجو لکيو ته احمد مغل راڳي آهي جيڪڏهن ڪلام ڳايو ته ڏوهه ڪونه ٿي پيو، شاهنواز منڌرو لکيو ته فنڪار جو ڪم آھي ماڻھن کي خوش ڪرڻ، سو جيڪا موقعي جي فرمائش ھوندي اھا پوري ڪندو، باقي ھي آواز احمد جو لڳي ڪونه پيو، ڪا ڊبنگ ٿيل آھي، خان محمد لکيو ته احمد مغل مان اهڙي اميد نه هئي، امان انصاري لکيو ته ھي ته ھڪ فنڪار آھي ان تي ڪھڙو ڏوھ پر جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ پ پ ۽ ڀٽن جا وانگارو ٿين ته ڇا ڪجي؟ نظر پياسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميڏي جند جان ڀٽو، ميڏا ايمان ڀٽو، مونکي اڪبر ڀٽو ياد آيو ، جنهن تي حسين مشاهد لکيو ته هي گيت 22 سال پهريان منظور سخيراڻي ڳايو هو اهو به پنهنجي البم ۾ ۽ هن گيت ۾ ڪو بلاول جي تعريف ته ڪونهي ذولفقار علي ڀٽي جي تعريف آهي اهو ڇا ۾ خراب هيو ان اسٽيل مل ڏني ان پورٽ قاسم ڏنو ان سنڌي هارين کي زمينون ڏنيون ان ته گهڻو ڪجھه ڏنو هو قوم کي انکي به ماڻھو برداشت نٿا ڪري سگهن احمد مغل کي ته هڪ پروگرام ۾ نثار کهڙي ٽي سال اڳ هڪ پروگرام ۾ فرمائش ڪئي هئي ته سرائڪي ۾ هي گيت ٻڌاءِ مهرباني ڪري ته انجي فرمائش پوري ڪئي هئي احمد مغل کي ڪوئي ڪروڙ ڪونه مليا هئا ان ڪلام جا، محمد عامر لکيو ته اھيو احمد مغل بلڪل ڪلام ڳايو ھُيو پر ماضي ۾ ڳايو هو، محمد آڪاش چانڊيو لکيو ته احمد مغل جو آواز ناهي، خالد احمد چانڊيو لکيو ته پهريان ته سوشل ميڊيا تي پهريان ته اها پوسٽ ڏسڻ ۾ آئي ته بلاول ڀٽو زرداري جي تعريف ۾ احمد مغل گانو ڳائڻ کان انڪاري ڇڏيو، پوءِ وري اهو گانو ؟ گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪئي ته فنڪارن کي ڇڏيو ته  ٻچن جو پيٽ گذر ڪن، اھي ڪرپشن نٿا ڪن،  پنھنجي فن جو اجورو ٿا وٺن، اھي سياسي يا نظرياتي ناھن ھوندا،

انھن جو نظريو آرٽ /پيار ھوندو آهي، آرٽ پيار جو ٻيو نالو آھي ۽ فنڪار پيار سڀني ۾  ساريکو ورھائين ٿا، فنڪارن کي محبتون/ آرٽ  ورھائڻ کان سواءِ ٻيو  ڪو ڪم به  نٿو اچي جنهن  سان گذارو ڪندا. جنهن تي انيل حب علي لکيو ته ادي فنڪار ب سياسي ۽ نظرياتي ٿيندا آھن سڄڻ سنڌي جو مثال اوھان آڏو آهي، رخسانه پريت لکيو ته باقي جيڪي رڳو شاعري ڪري سگھن ٿا ٻيو ڪو ڪم انھن کي نه ٿو اچي انھن جي روزي روٽيءَ جو ڇا ٿيندو؟ ڪڏھن ڪڏھن ثقافت کاتي يا ڪنھن ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ پاران ڪرايل پروگرامن ۾ ڪو ٻن ٽن ھزارن جو چيڪ ملين ٿو تڏھن به ٻڙڌڪ مچيو وڃي “اديب وڪامجي ويا” جڏھن ته فنڪار ڏات کي پروفيشن طور استعمال ڪن ٿا . شاعرن جي شاعري پڻ انھن کان، اڪثر پئسا وٺي ڳائن ٿا مون کي ڪيتريون ڪالون اچن ٿيون ادي ھي غزل / ھي گيت اسان ڪمپوز ڪرڻ چاھيون ٿا اسٽوڊيو جو خرچ ڀريو .. منھنجو جواب ھڪ ئي ھوندو آهي . آئون تخليقي ليکڪ آھيان مارڪيٽ سان منھنجو ڪو تعلق ناھي، مطلب ته فنڪار جي حالت غريب تخليقي رائيٽر کان وري به بھتر آھي ھو لکين رپيا ڪمائي ٿو شادين ۾ به پرفارم ڪري ٿو، نياز راهمون لکيو ته اھڙي قسم جو بيانيو سماج جي ڀڃ ڊاھ ۾ ھٿي ڏيندڙ ثابت ٿيندو، اوھان الائي جي ڪيئن اھڙي راءِ کي ھٿي پيون ڏيو، فنڪار سياستدانن کان مٿانھان ٿيندا آھن. اھي گھٽ ۾ گھٽ اھڙين حالتن ۾ ته سماج ۽ قوم وٽ پابند ھوندا آھن.شمس الدين زئور لکيو ته ڪي فنڪار به وڏا فنڪار آهن. مظفر شر لکيو ته سرمد به ته فنڪار ھيو، ذلفي ميراڻي پوسٽ شيئر ڪئي ته آئون زبردست راڳي احمد مغل جي عمل کي بلڪل به رد نٿو ڪيان ۽ سمجھان ٿو ته اھڙو ڪجھه به ڪرڻ يا ڪوبه قدم کڻڻ ھن جو فطري توڙي قانوني ۽ انساني حق آهي جيڪو ڪير به کانئس کسي نٿو سگھي! منھنجي خيال ۾ ھر ماڻھو جي اندر ۾ ٻيا به ڪيترائي اھڙا ماڻھو موجود ھوندا آھن جيڪي ظاھر واري شخص کان مختلف ھوندا آھن، آئون سمجھان ٿو ته جي اوھان مٿس ڪابه بيجا ۽ اضافي تنقيد ڪرڻ بدران کيس پنھنجي جذبات بابت آگاھ ڪيو ۽ کيس ڇڏيوس ته ڀلي وڃي نون رستن ۽ رشتن جو مزو ماڻي؛ خوش رھي، پر ھا يقين ڪيو اوھان پاران مليل پيار کيس ڪٿي به ميسر نه ٿي سگھندو. باقي ذاتي طور تي سمجھان ٿو ته احمد مغل اھڙي “فنڪاراڻي” سرگرمي سبب پاڻ کي وڏو نقصان ڏئي ويٺو آھي. صدام خان، علي شرف، حاڪم مزاري، خدا بخش چانڊيو، سجاد علي، شڪيل جمالي، محمد راشد سميجو، حسن عسڪري، رجب علي، شان مهر، خدا ڏنو شاهه، سلطان خلجي ۽ ٻين پڻ احمد مغل جي گيت بابت پوسٽون شيئر ڪيون.