امن امان جي ‘فول پروف’ انتظامن جي ضرورت

0
179
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

سڄي ملڪ ۾ امن امان جون حالتون بنهه خراب آهن، دهشتگرديءَ جو راڪاس لامارا پيو ڏئي. ملڪ عالمي طاقتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي. هر پاسي غير يقينيءَ جو ڪوهيڙو آهي. دهشتگرد حملا ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ به مجموعي طرح امن امان جون حالتون اهڙيون آهن، جن کي بهتر ته پري جي ڳالهه، اطمينان جوڳيون به نٿو چئي سگهجي. سنڌ جا اڌ ڊزن کن ضلعا ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ‘اشرافيا’ کي ڄڻ ته ليز تي مليل هجن، جتي اهي ڀوتار انهن ضلعن جا ‘ظلِ سبحاني’ بڻيل آهن، جيڪي قبيلائي دهشتگرديءَ کي هُشيءَ ۽ هٿيارن جي زور تي زنده رکيو اچن. انهن ضلعن ۾ ڏوهارين جو ڏهڪاءُ آهي. وڏن شهرن ۾ وري دهشتگرديءَ، ٽارگيٽ ڪِلنگ ۽ آپگهاتي حملن جو خطرو آهي. عيد الفطر جو ڏڻ هڪ يا ٻن ڏينهن جي وٿيءَ تي آهي. مارڪيٽن، بازارن ۽ خريداريءَ جي هنڌن تي عيد جي خريداري هلندڙ آهي. وڏي تعداد ۾ ماڻهو عيد جو ڏڻ ويجهو ايندي ئي انهن جاين جو رخ ڪندا آهن. ريلوي اسٽيشنن، بس اڏن تي پڻ رش هوندو آهي. ماڻهن جي اچ وڃ گهڻي هوندي آهي. ان کانسواءِ عيد ڏهاڙي تي عيد نماز جا اجتماع ٿيندا آهن، جنهن ۾ دهشتگرد، ڌاڙيل ۽ امن دشمن ماڻهو ڪو به سانحو برپا ڪري سگهن ٿا، جنهن لاءِ امن امان جي فول پروف انتظامن جي ضرورت آهي.

حڪمران ته هلن ٿا ڪمانڊوز جي گهيري ۾، تقريرون به بلٽ پروف شيشن جي پٺيان بيهي ڪن ٿا، انهن جو پروٽوڪول اهڙو، جو اتان ڪنهن بني بشر جو گذر ته پري جي ڳالهه، ڪو پکي به پَر نٿو هڻي سگهي. ظاهر آهي ته انهن کي ته سنڌ ۾ امن امان جو ڪوبه مسئلو نظر نه ايندو. اهي محفوظ آهن ته سمجهن ٿا ته سڄي سنڌ محفوظ آهي. باقي جيتري قدر عوام جو تعلق آهي ته اهو هر وقت دهشتگرديءَ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي نشاني تي رهي ٿو. هنن رش وارن ڏهاڙن ۾ امن دشمن مافيائن کي ته آسان ٽارگيٽ ميسر ٿيندو. حڪومت عام حالتن ۾ به ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪري ۽ انهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ناهي سگهندي، هنن رش وارن ڏهاڙن ۾ ته انتظامي وائڙائپ ويتر ڏسڻ وٽان هوندي آهي. جڏهن ڪو دهشتگرديءَ جو افسوسناڪ واقعو ٿيندو آهي ته رياستي مشينري ڪجهه وقت لاءِ تحرڪ ۾ ايندي آهي ۽ پوءِ وري اگهور ننڊ ۾ هلي ويندي آهي يا وري اهو چيو ويندو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چوڪس ڪيو ويو آهي، جيڪو بيان خود کل جوڳو آهي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به چوڪس ڪرڻ جي ضرورت پوي ته باقي ڇا ٿو رهجي وڃي؟ ان چوڪس هجڻ جي حقيقت اها آهي ته ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي دهشتگرد حملو ڪن ٿا، پر نه پوليس کي اڳواٽ ڪا سُڻس پوي ٿي ۽ نه ئي رياست جون اکيون ۽ ڪن تصور ٿيندڙ ادارن کي ڪو اڳواٽ پتو پوي ٿو. عيد جي موقعي تي تفريح گاهن ۾ به ماڻهن جو رش هوندو آهي، ماڻهو پنهنجن گهر ڀاتين سميت انهن وندر جي هنڌن تي وڃن ٿا، جتي انهن جي تحفظ لاءِ انتظام ڪرڻ حڪومتي ذميواري آهي. معمولي انتظامي ڪوتاهي به وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. معمولي چڻنگ به ٻيلا ٻاري ويندي آهي.

اسان سنڌ جي منتظمين کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته عيد واري موقعي تي سنڌ ۾ امن امان جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن. بهتر سيڪيورٽي پلان جوڙيو وڃي، جو امن دشمن مافيائن کي ڪو سانحو برپا ڪرڻ جي ڪا وٿي نه ملي سگهي، ڇو ته عوام جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. ريلوي اسٽيشنن، بس اڏن، تفريح گاهن ۽ ٻين رش وارن هنڌن تي پڻ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جي ضرورت آهي. عيد نماز جي اجتماعن کي نظر ۾ رکي سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا وڃن. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، “تِرَ جي گُٿي سئو چوٽون کائي”، ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته ڪابه معمولي ڪوتاهي وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي.