غزا ۾ اسپتال تي اسرائيل جو حملو، ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي سميت 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

0
139
غزا ۾ اسپتال تي اسرائيل جو حملو، ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي سميت 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد
غزا ۾ اسپتال تي اسرائيل جو حملو، ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي سميت 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا ۾ اسپتال تي اسرائيل جو حملو، ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي سميت 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا

 فلسطيني وزارت صحت موجب اسرائيلي جهازن وچ غزا ۾ موجود اسپتال تي بمباري ڪئي، جنهن ۾ 500 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ 600 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي  ٿي پيا

زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، شهيدن جو انگ وڌڻ جو خدشو وڌي ويو، اسپتال ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين عارضي پناهه ورتي هئي

Israel-Palestine War: UN Human Rights Chief Slams Gaza Hospital Attack

حملي بعد اسرائيلي اختيارين اسپتال ۾ ٿيل تباهي ۽ عام شهرين جي موت جو ذميوار فلسطيني تنظيمن کي قرار ڏيندي بمباريءَ کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

فلسطيني صدر محمود عباس طرفان احتجاج طور امريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات ملتوي ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو

فلسطين ۾ 11 ڏينهن دوران بمباري ۾ شهيدن جو انگ ساڍا 3 هزارکان وڌي ويو آهي، ساڍا 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي، شهيدن جا مڙهه ٽرڪن ۾ آڻي اجتماعي تدفين ڪئي وئي آهي