ميرپورخاص(بيورورپورٽ)مذهب مٽائي شادي ڪندڙ ناري مڙس جي تشدد ڪرڻ سبب تحفظ لاء وومين ٿاڻي پهچي وئي، پوليس پاران ناري عدالت ۾ پيش، کيس سيف هائوس حوالي ڪري ٻڌڻي 19 اڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي، وومين پوليس کي جاچ ڪري مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم خبر موجب نئون دمبالو جي رهواسڻ 25 سالا ناري رجيتا ڪولهي بابت ڪجهه مهينا اڳ مڙس عاشق احمداڻي دعويٰ ڪئي هئي ته هن مذهب مٽائي شادي ڪئي آهي. ڪالهه مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي ناري ميرپورخاص وومين پوليس وٺ تحفظ لاءِ پهچي وئي. وومين پوليس پاران کيس سيڪينڊ ايڊيشنل سيشن جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ناري بيان ڏيندي ٻڌايو ته ڪجھه عرصو اڳ مذهب مٽائي عاشق احمداڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو هو پر مڙس سخت تشدد ڪندو هو جنهن کان تنگ ٿي وومين پوليس وٽ تحفظ لاءِ پهتي هئس. هن چيو ته هاڻ آئون مائٽن ڏي واپس وڃڻ چاهيان ٿي، اهڙي بيان بعد عدالت ناري کي سيف هائوس حوالي ڪري وومين پوليس کي معاملي جي جاچ ڪري مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 19 اڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن وومين ٿاڻي جي ايس ايچ او مومل لغاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري ٿاڻي تي پهچي مڙس خلاف شڪايت ڪئي جنهن بعد ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، عدالت پاران جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، نئون دمبالو ٿاڻي سان رابطو ۾ آهيون جلد رپورٽ مڪمل ڪري عدالت ۾ پيش ڪنداسين. ٻئي طرف ناري مائٽن بدران سيف هائوس منتقل ڪرڻ تي روئيندي رهي ۽ هن دانهون ڪيون ته مائٽن ڏانهن اماڻيو وڃي پر کيس زوري سيف هائوس نيو ويو. اهڙي وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي.