سنڌ هاءِ ڪورٽ:پوسٽ آفيس امپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

0
101
سنڌ هاءِ ڪورٽ:پوسٽ آفيس امپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ:پوسٽ آفيس امپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ رينجرز کي پوسٽ آفيس امپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، قبضو ختم ڪرائڻ واري عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

 جسٽس نديم اختر رمارڪس ۾ چيو ته قبضا ختم نه ڪرائيندڙن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي، عملدرآمد نه ڪندڙن کي جيل وڃڻو پوندو، عدالت اچرج ظاهر ڪندي چيو ته رينجرز کي قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي عمل نه ٿيو

سرڪاري وڪيل چيو ته رينجرز ۽ پوليس تي قبضو ڪندڙن حملو ڪيو هو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اها ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪامي آهي، ڇا لينڊ مافيا ادارن کان وڌيڪ طاقتور آهي؟

عدالت 14 نومبر تائين قبضو ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻيءَ کانپوءِ درخواست گذار متاثرين جو عدالت ٻاهران مظاهرو، مظاهرين چيو ته جڏهن غير قانوني شادي هال ڊهي سگهن ٿا ته پوءِ هي قبضا ڇو نه پيا هٽايا وڃن