پاڪستان پاران ابابيل ويپن سسٽم جي اڏام جو ڪامياب تجربو

0
201
پاڪستان پاران ابابيل ويپن سسٽم جي اڏام جو ڪامياب تجربو
پاڪستان پاران ابابيل ويپن سسٽم جي اڏام جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي: پاڪستان پاران ابابيل ويپن سسٽم جي اڏام جو ڪامياب تجربو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته تجربي ۾ مختلف ڊزائين ۽ ٽيڪنيڪل پيراميٽرز جي ڪارڪردگي جو مشاهدو ڪيو ويو

آءِ ايس پي آر موجب ميزائل سسٽم دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيت جو اهم عنصر آهي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا تجربي جو مشاهدو ڪيو

ان موقعي تي ٻيون اعليٰ عسڪري اختياريون، سائنسدان ۽ انجنيئرز به موجود هئا، جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي واڌايون ڏنيون، صدر، وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت طرفان به ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي واڌايون