پنجاب مان کنڀي گم ڪيل نوجوان عرفان زهراڻي بازياب ٿي ويو

0
354

ڪراچي: پنجاب مان کنڀي گم ڪيل نوجوان عرفان زهراڻي بازياب ٿي ويو، رحيم يار خان پوليس پاران عرفان زهراڻي کي ايس ايس پي ملير جي حوالي ڪيو ويو

 ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون جو چوڻ آهي ته عرفان زهراڻي کي سندس وڪيل معرفت سندس والده جي حوالي ڪيو ويو آهي

عرفان زهراڻي کي ڪجهه مهينا اڳ گگهر ڦاٽڪ واري علائقي مان کنڀڻ بعد رحيم يار خان مان ظاهر ڪيو ويو هو

عرفان زهراڻي جي بازيابي لاءِ ملير ۾ پنجن ڏينهن کان گگهر ڦاٽڪ وٽ وارثن پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو جاري رکيو ويو