بحريا ٽائون جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي آمهون سامهون

0
202

بحريا ٽائون جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويون آهن

سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ايم ڊي اي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايم ڊي اي سنڌ سرڪار کان زمين ورتي هئي

سنڌ سرڪار کي هڪ ارب روپين جي ادائگي ڪئي وئي هئي، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سنڌ سرڪار زمين عيوض ڪا به رقم نه ورتي، زمين سنڌ حڪومت جي هئي تنهن ڪري پئسا به سنڌ حڪومت کي ملڻ گهرجن

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون کان پئسا وٺي انهن جو ڇا ڪندي؟ ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته فيصلي موجب رقم ڪميشن ذريعي ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿيندي، ڪميشن جو چيئرمين چيف جسٽس نامزد ڪندو

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن چيف جسٽس نامزدگي نه ڪرڻ چاهي ته ڇا ٿيندو؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ٿيڻ واري آهي، چونڊيل ماڻهن کي فيصلو ڪرڻ ڏيو ته پئسي جو ڇا ڪرڻو آهي

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته رقم ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ملڻ گهرجي، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته بحريه ٽائون جي رقم سنڌ حڪومت کي ملڻ گهرجي

سپريم ڪورٽ ايم ڊي اي ۽ ايس بِي سِي اَي پاران بحريه ٽائون کي ڏنل منظورين جا تفصيل طلب ڪري ورتا، رقم جمع ڪرائيندڙ ڌرين ۽ بحريه ٽائون جي وڪيل کان تفصيلي موقف طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي